اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ کي ماحولياتي خطرن کان بچائڻ جي لاءِ پوري ??وم کي وڻڪاري ??هم ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته ??اڪ??تان دنيا ۾ موسمياتي خطرن جو سڀ کان وڌيڪ شڪار پنجون ملڪ آهي، موسمياتي تبديلي جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آگاهي ضروري آهي، ملڪ ۾ ٻيلن جي ايراضي 5 سيڪڙو آهي، هلندڙ سال ٻوٽا لڳائڻ جو هدف ٻيڻو ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس ۾ بهار جي موسم جي ملڪ گير وڻڪاري ??هم جي شروعات جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري ??ملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه پڻ موجود هئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هن ٻوٽو لڳائي پوري ??لڪ ۾ بهار جي موسم جي وڻڪاري جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، اسان جي گذريل حڪومت سڄي ملڪ ۾ وڻ لڳائڻ جو جيڪو هدف مقرر ڪيو هو، هلندڙ سال لڳايا ويندڙ ٻوٽن جو انگ ٻيڻو ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته ملڪ جي مجموعي ايراضي جي لحاظ کان ٻيلن جو تناسب رڳو 5 سيڪڙو آهي، عالمي ماحولياتي رسڪ انڊيڪس رپورٽ موجب ??اڪ??تان موسمياتي خطرن جو سڀ کان وڌيڪ شڪار دنيا ۾ پنجون ملڪ آهي. هن چيو ته 1999ع کان 2018ع دوران موسمياتي تبديلين جي ڪري 10 هزار قيمتي جانيون ضايع ٿيون ۽ اسان جي معيشت کي اربين ڊالر جو نقصان ٿيو، ان جي لاءِ تعليمي ادارن ۾ پڻ ان خطري کان آگاهي فراهم ڪرڻ ضروري آهي ۽ وڻڪاري ??هم کي پوري ??لڪ ۾ ڦهلائڻ جي لاءِ سموريون ڪوششون ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته پوري ??وم کي گهرجي ته ملڪ کي ماحولياتي خطرن کان بچائڻ ۽ صحتمند ماحول مهيا ڪرڻ جي لاءِ وڻڪاري جي مهم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي ته جيئن ??اڪ??تان هر قسم جي ماحولياتي آلودگي ۽ ماحولياتي خطرن کان محفوظ رهي. ان کان اڳ وزيراعظم پي ايم هائوس ۾ ٻوٽو هڻي بهار جي موسم جي ملڪ گير وڻڪاري ??هم شروعات ڪئي. واضح رهي ته هلندڙ سال 2024ع ۾ بهار جي موسم مهم دوران سڄي ملڪ ۾ مجموعي طور تي 5 ڪروڙ 43 لک 80 هزار ٻوٽا هنيا ويندا، 2023ع جي برسات جي موسم جي وڻڪاري ??هم دوران 4 ڪروڙ 90 لک کان وڌيڪ ٻوٽا هنيا ويا هئا. بهار جي موسم جي وڻڪاري ??هم جي سلس??ي ۾ پنجاب ۾ هڪ ڪروڙ 41 لک، سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ 17 لک 20 هزار، خيبرپختونخواهه ۾ 57 لک 10 هزار، بلوچستان ۾ 30 لک، آزاد ڄمون ڪشمير ۾ هڪ ڪروڙ 18 لک 50 هزار ۽ گلگت بلتستان ۾ 80 لک ٻوٽا هڻڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. 2023ع جي موسم جي برسات جي وڻڪاري ??هم دوران پنجاب ۾ هڪ ڪروڙ 46 لک 20 هزار، سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ 90 لک، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ ڪروڙ 6 لک 80 هزار، بلوچستان ۾ 10 لک 60 هزار، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 33 لک ۽ گلگت بلتستان ۾ 3 لک 60 هزار ٻوٽا لڳايا ويا.
پاڪستان دنيا ۾ موسمياتي خطرن جو سڀ کان وڌيڪ شڪار پنجون ملڪ آهي، موسمياتي تبديلي جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آگاهي ضروري آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil