اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران ??طرفي ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي ??اءِ ثقافتي رابطن ۽ عوامي رابطن کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ٻنهي ڌرين سياحت جي شعبي ۾ تعاون کي ان جي ??وري صلاحيت موجب وڌائڻ جي ??اءِ قدم کڻڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. اهو اتفاق راءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ پاڪستان جي دوري تي آيل ايراني ثقافتي ورثي، سياحت ۽ دستڪاري واري وزير سيد عزت الله زرغامي جي ??چ ۾ ملاقات ۾ طئي ٿيو جنهن پنهنجي ??فد ميمبرن سان گڏ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان ??وقعي تي پاڪستان ۾ ايران جو سفير رضا اميري موغادم پڻ موجود هو. صدر وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ايران سان ??نهنجي ??اڳاپن کي تمام گهني اهميت ڏي ٿو جيڪي تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي رشتن تي ٻڌل آهن. هن ايران ۾ مقدس جاين جي زيارت جي ??اءِ ويندڙ پاڪستاني زائرين جي سهولت لاءِ ايراني حڪومت جي ??دمن کي ساراهيو. ملاقات ۾ دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي ??ڌندڙ واقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ سٺا لاڳاپا آهن ۽ اسلامو فوبيا، ڄم??ن ۽ ڪشمير ۽ فلسطين جي ??سئلن تي هڪ جهڙا خيال رکن ٿا. هن معزز مهمان کي ڀارت جي ??سلمان دشمن پاليسين بابت آگاهه ڪيو، خاص طور تي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران دهشتگردي جي راڄ ۽ مسلمانن تي ظلمن کي اجاگر ڪيو. هن ڄم??ن ۽ ڪشمير تڪرار ??ي پاڪستان جي ??وقف جي حمايت ڪرڻ تي ايراني قيادت جا ٿورا مڃيا. ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ تي ايراني قيادت ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي مبارڪباد ڏيندي صدر اميد ظاهر ڪئي ته انهن جي ??اڳاپن ۾ اڳڀرائي سان ??ه رڳو ٻئي ملڪ پر پوري خطي کي فائدو ٿيندو. سيد عزت الله زرغامي ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ??اءِ عوامي مٽاسٽا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن باجوڙ ۾ تازي دهشتگرد حملي تي ايران جي عوام ۽ حڪومت پاران تعزيت جو اظهار ڪيو. هن قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي ??اقعن تي پاڪستان حڪومت جي ??وقف کي پڻ ساراهيو.
پاڪستان ۽ ايران پاران ٻطرفي ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ ثقافتي رابطن ۽ عوامي رابطن کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea