اسلام آباد – 25 – ??ئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قوم پنهنجي هيروز، غازين ۽ شهيدن ۽ انهن جي خاندانن سان اڻٿڪ يڪجهتي جي لاءِ اڄ تڪريم شهداءِ پاڪستان ڏهاڙو ملهائي رهي آهي، 9 ??ئي پاڪستان جي محافظن، معمارن ۽ ان کي ڪمزور ڪندڙن جي وچ ۾ ورڇ جي لڪير ڪڍي ڇڏي آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته قوم پنهنجي هيروز، غازين ۽ شهيدن کي شاندار خراج ع??يد?? پيش ڪرڻ ۽ انهن جي خاندانن سان پنهنجي اڻٿڪ يڪجهتي جي اظهار لاءِ تڪريم شهداءِ پاڪستان ڏهاڙو انتهائي ع??يد?? سان ملهائي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته هو 9 ??ئي جي المناڪ واقعن کي رڳو هڪ احتجاجي طور نه ٿو ڏسي جيڪي پرتشدد ٿي ويا. انهن ماڻهن جا ارادا جن انهن واقعن جي منصوبابندي ڪئي هئي اهي اصل ۾ تمام گهڻا خطرناڪ هئا ۽ اها شرمناڪ واقعن جي هڪ واضح شڪل هئي ۽ پوري قوم ڏٺو ته ڪهڙي طرح ڪجهه ماڻهن جي اقتدار جي هوس انهن کي اهو ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو جيڪو اڳ ۾ ڪڏهن ناهي ٿيو. وزيراعظم چيو ته شهيدن جي يادگارن کي نشانو بڻائڻ، انهن جي بي حرمتي ڪري ۽ رياست جي علامتن تي حملي آور ٿي شرپسندن پاڪستان جي نظريي ۽ تشخص تي حملو ڪيو ۽ ملڪ جي دشمنن کي جشن ملهائڻ جو موقعو ڏنو. وزيراعظم چيو ته قوم پنهنجي شهيدن جي عزت جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿي. 9 ??ئي جي المناڪ ۽ دل ڏکوئيندڙ واقعا باور ڪرائي رهيا آهن ته اسان کي اهڙن سمورن ماڻهن جي لاءِ نشاندهي ۽ انهن کي بي نقاب ڪرڻو آهي جيڪي پاڪستان جي بنيادن کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا. 9 ??ئي جي واقعن پاڪستان جي محافظن ۽ معمارن ۽ ان کي ڪمزور ڪندڙن جي وچ ۾ ورڇ جي لڪير ڪڍي ڇڏي آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان پنهنجي شهيدن جي عزت ۽ تڪريم کي برقرار رکڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. پاڪستان جو وجود عوام ۽ شهيدن جي وچ ۾ روحاني رشتي سان ڳنڍيل آهي. پاڪستان جو قيام 20 هين صدي جو هڪ معجزو آهي ۽ ان جي عمارت شهيدن جي مقدس رت جي يقيني بنيادن تي بيٺل آهي. اسان ڪڏهن به انهن جي احسان جو بدلو نه ٿا ادا ڪري سگهون.
قوم پنهنجي هيروز، غازين ۽ شهيدن ۽ انهن جي خاندانن سان اڻٿڪ يڪجهتي جي لاءِ اڄ تڪريم شهداءِ پاڪستان ڏهاڙو ملهائي رهي آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : números quina hoje