اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻارن ??ي تعليم جي زيور ??ان ليس ڪرڻ کانسواءِ ملڪي ترقي جو خواب پورو نه ٿو ٿي سگهي، ڏورانهن علائقن ۾ تعليم جي فروغ لاءِ ”اسڪول آن ويلز“ جو منصوبو اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسڪول آن ويلز منصوبي جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي تعليم وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان منصوبي تحت شروعاتي طور تي 8 بسن تي اسڪول آن ويلز منصوبو اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي ٻارن کي موبائيل اسڪولز جي ذريعي تعليم فراهم ڪندو. وزيراعظم اسڪول آن ويلز منصوب?? کي ساراهيندي چيو ته ان منصوبي ??ان ڳوٺن ۾ ٻارن ??ي تعليم جي زيور ??ان ليس ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته هو اميد ڪري ٿو ته اهي موبائيل اسڪولز ڳوٺن ۾ تعليم جو انقلاب آڻيندا ۽ ان ??ان هزارين لکين ٻار، جيڪي ڳوٺن جي گهٽين جي مٽيءَ ۾ گم ٿي وڃن ٿا، ??ي تعليم جي سهولت ملندي ۽ اهي پاڪستان جا عظيم معمار بڻجندا. وزيراعظم چيو ته ان منصوبي جو دائرو چئني صوبن بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير تائين ڦهلائڻ جو جائزو ورتو وڃي. ان ??ان وڏي ٻي ڪا قومي خدمت نه ٿي ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته هو ان منصوبي جي شروعات تي دل جي گهراين ??ان مبارڪباد پيش ڪري ٿو. وزيراعظم ان موقعي تي خصوصي طور تي ڊيزائن ڪيل بسن جو پڻ معائنو ڪيو ۽ استادن ۽ ٻارن ??ان پڻ ملاقات ڪئي. وزيراعظم موبائيل لائبريري جي منصوب?? کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته ان ??ان ڏورانهن علائقن جي ٻارن کي گهر جي در تي لائبريري جي سهولت ملندي. وزيراعظم ان موقعي تي ٻارن ??ان گهلي ملي ويو ۽ انهن کان سوال جواب ڪيا.
ٻارن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ کانسواءِ ملڪي ترقي جو خواب پورو نه ٿو ٿي سگهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے