ڪوئيٽه-16 سيپٽمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي ??زير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته بلوچستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ ۽ برساتن سبب ريلوي ٽريڪس کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، معطل ٿيل ريلوي روٽس جي بحاليءَ لاءِ سمورا دستياب وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون. ڪوئيٽه- تفتان ريل ٽريڪ 30 سيپٽمبر تائين بحال ڪيو ??يندو. ڪوئيٽه ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي ??زير چيو ته برسات ۽ ٻوڏ سبب ريلوي نيٽ ورڪ خراب طرح متاثر ٿيو آهي، ڊيرا الهيار کان جيڪب آباد تائين 11 ڪلوميٽر ريلوي ٽريڪ پاڻيءَ ۾ ٻُڏل آهي، ٻوڏ سبب ڪوئيٽه- تفتان ريلوي ٽريڪ 104 هنڌن تان متاثر ٿيو آهي، جنهن کي 30 سيپٽمبر تائين بحال ڪيو ??يندو. متاثر علائقن ۾ ٻوڏ ۽ برسات جو پاڻي جيئن ئي گهٽبو مرمت جو ڪم شروع ڪيو ??يندو. ايف سي، اين ايل سي ۽ آرمي جي سهڪار سان متاثر ريلوي پٽڙيءَ جي بحاليءَ ۾ مصروف آهيون. هن چيو ته ڪوئيٽه ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن ترجيح آهي. گوادر ۾ به ريلوي آفيس قائم ڪئي پئي وڃي. هڪ سوال تي وفاقي ??زير چيو ته 5 ڏينهن کان ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريلوي نظام کي پهتل نقصان جو جائزو وٺي رهيو آهيان. تاريخ ۾ پاڪستان ريلوي کي ڪڏهن به ايترو نقصان ناهي ٿيو، پر پرعزم آهيون ته ڏينهن رات هڪ ڪري ريلوي سروس کي بحال ڪري عوامي ڏُکيائين جو ازالو ڪيو ??يندو. پريس ڪانفرنس ?? ريلوي وارو وفاقي سيڪريٽري ۽ ٻيون اعليٰ اختياريون به موجود هيون.
معطل ٿيل ريلوي روٽس جي بحاليءَ لاءِ سمورا دستياب وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون: خواجه سعيد رفيق
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال