اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي تيز رفتار ترقي ۽ زرعي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ اهم آءِ ٽي تي ٻڌل جديد ٽيڪنالاجي کي ??ختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان معاشي طور تي هڪ مضبوط ملڪ طور اڀرڻ جي تمام گهڻي صلاحيت رکي ٿو، تحقيق ۽ ترقي ۾ سيڙپڪاري، زرعي ۽ صنعتي پيداوار ۾ اضافي، نوجوانن خاص طور تي عورتن ک?? مارڪيٽ تي ٻڌل مهارت ۽ علم جي فراهمي جي نتيجي ۾ پاڪستان ترقي جون منزلون تيزي سان طئي ڪري سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايل سي سي آئي) اچيومينٽ ايوارڊز جي تقريب کي ??طاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي، لاهور چيمبر جي صدر ميان نعمان ڪبير، سماجي ڪارڪنن، سرند?? وارن ماڻهن، لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي عهديدارن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر واپاري برادري تي زور ??نو ته اها ڪاروباري ۽ صنعتي شعبن ۾ عورتن جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري ته جيئن انهن جي پنهنجي خاندان جي عورتن سان گڏوگڏ ٻيون عورت ورڪرز به ملڪ جي ڪاروباري ۽ اقتصادي شعبي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پاڻ کي محفوظ محسوس ڪن. هن لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري کي ??نهن اهل عورتن جي لاءِ آن لائين ڪاروبار ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرن جو مشورو پڻ ??نو جيڪو ڪجهه سببن جي ڪري گهر کان ڪم ڪرڻ کي ??رجيح ڏين ٿيون. صدر ڪاروباري سرگرمين ۾ عورتن جي شموليت کي ??وش آئنده قرار ڏيندي چيو ته عورتن جي شموليت کانسواءِ معاشي ترقي حاصل ڪرڻ ناممڪن آهي. هن واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ ۽ عورتن کي ڪاروبار ۾ شموليت جي حوصلا افزائي جي لاءِ ايل سي سي آئي جي قائداڻي ڪردار کي ??اراهيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته واپار، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ معاون پاليسين جو تسلسل، ڪاروباري معاملن ۾ هر سطح تي مشاورتي فيصلاسازي جو عمل ڪاروبار ۾ ??سا??ي کي يقيني بڻائڻ، جدت ۽ بهترين ترقي جي لاءِ ڪاروبار?? ماڻهن جو جذبو ملڪ ج?? مالي ۽ اقتصادي استحڪام جي لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته ان سان پاڪستان مان مستقبل کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ ۽ تيز رفتار اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر عورتن تي زور ??نو ته اهي حضرت خديجه رضه الله عنها جي مثال تي عمل ڪن جيڪا هڪ آزاد ڪاروباري، واپاري عورت هئي. هن عورتن تي زور ??نو ته اهي ملڪ جي ڪاروباري ۽ معاشي شعبن ۾ ڀرپور ۽ فعال ڪردار ادا ڪري پنهنجو مقام حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. صدر چيو ته ڪاروباري ۽ صنعتي شعبو ان وقت تيزي سان ترقي ڪندو جڏهن اسان انهن کي ??دعنواني کان پاڪ، محفوظ ۽ اخلاقيات تي ٻڌل ڪاروبار?? ماحول فراهم ڪنداسين. هن دستاويزن ۽ نظام ۽ عمل کي ??سا?? بڻائڻ جي ضرورت تي زور ??نو ۽ چيو ته اسان ڪاروبار?? واپار ۽ سيڙپڪاري جي معاملن کي قانون موجب حل ڪريون ۽ ان جي ذريعي معيشت ۾ وڌيڪ شفافيت آڻي سگهجي ٿي. ان موقعي تي لاهور چيمبر اينڊ ڪامرس جي نمائندن چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي مسلسل سرپرستي تي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته صدر جي مشوري تي چيمبر ڪاروباري ۽ صنعتي شعبي ۾ عورتن جي شموليت جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيو آهي. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف ڪمپنين، ڪاروباري ادارن ۽ چيمبر جي نمائندن کي نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي ايوارڊ ڏنا.
صدر پاران ملڪ جي تيز رفتار ترقي ۽ زرعي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ اهم آءِ ٽي تي ٻڌل جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر