اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ب??نظير انڪم سپورٽ پروگرام مان بنا ڪنهن سبب جي ڪڍيل مستحق ماڻهن جي شموليت يقيني بڻائي وڃي، ان لاءِ طر??قيڪار جوڙڻ خوش آئنده آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن غربت جي خاتمي واري وفاقي وزير شازيه عطا مري سان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ وزيراعظم کي وزارت جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم جي بلوچستان جي دوري دوران مستحق ماڻهن جي بي??ظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شموليت ۽ شاگردن جي تعليم کي يقيني بڻائڻ لاءِ وظيفا ۽ والدين کي امداد جي اعلان تي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. وزيراعظم کي بي??ظير انڪم سپورٽ پروگرام مان گذريل حڪومت پاران بنا ڪنهن تحقيق جي ڪڍيل 8 لک 20 هزار ماڻهن لاءِ اپيل جي مجوزه طر??قيڪار تي به بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته ب??نظير انڪم سپورٽ پروگرام مان ڪڍيل ماڻهن جي ٻيهر شموليت لاءِ اپيل جو طر??قيڪار جوڙڻ خوش آئنده آهي، هن هدايت ڪئي ته اهڙا مستحق ماڻهو جيڪي بنا ڪنهن سبب جي ڪڍيا ويا، انهن جي شموليت يقيني بڻائي وڃي.
وزيراعظم پاران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان بنا ڪنهن سبب جي ڪڍيل مستحق ماڻهن جي شموليت يقيني بڻائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر