لاهور – 27 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ??هي ته پاڪستان ۾ ميڊيا ۽ جمهوريت کي مڪمل آزادي حاصل آهي، صحافت جي شعبي ۾ فيڪ نيوز پکيڙڻ تمام آسان ٿي ويو ??هي، اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، ميديا ۾ توازن رکڻ ضروري آهي، مسلم دنيا ۾ پاڪستان جو ڪو مقابل نه آهي، اسان پنهنجي صحافتي آزادين جو تقابل ٿرڊ ورلڊ يا مسلم ورلڊ س??ن نه پر فرسٽ ورلڊ س??ن ڪريون ٿا، پاڪستان جڏهن ٺهيو ??ه دنيا جا مسلمان ان کي نشاط ثانيه جي طور تي ڏسي رهيا هئا، عورت ليڊرشپ پيدا ڪرڻ ۾ مسلمانن اهم ڪردار ادا ڪيو، مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا شوڪت علي صحافت جا روشن ستارا هئا، مولانا ظفر علي خان مرحوم کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته ا??ان صحافت ڪريون ذميواري سان. اهڙن خيالن جو اظهار هن مولانا ظفر علي خان مرحوم جي 65 هين ورسيءَ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه مولانا ظفر علي خان مرحوم کي پاڪستان ۾ باباءِ صحافت چيو وڃي ٿو، هو تحريڪ پاڪستان جو اهم اڳواڻ هو. هن چيو ??ه ا??ان جي بزرگن تحريڪ پاڪستان جي لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪيو، 1946ع ۾ چوڌري اويس جهلم ضلعي ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو صدر رهيو، منهنجو چاچو چوڌري الطاف 1952ع ۾ اولهه پاڪستان اسيمبلي جو ميمبر رهيو، مختلف حيثيتن سان هن تحريڪ پاڪستان جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه 1870ع ۾ پهرين اخ??ار هيڪن گزٽ جي نالي سان ڪوڪلڪتا مان شايع ٿي، هندستان جي مختلف شهرن ۾ صحافت جو وڏو غلبو رهيو ??هي، اتر انڊيا ۾ صحافت جو مرڪز لاهور هو، لاهور مان تمام وڏيون اخ??ارون شايع ٿيون. هن چيو ??ه 1903ع ۾ مولانا ظفر علي خان جي والد زميندار اخ??ار شروع ڪئي. واشنگٽن ۾ قائم اخ??ارن ۽ ميڊيا بابت ميوزيم جي طرز تي اسان کي لاهور ۾ به ميوزيم ٺاهڻ گهرجي، لاهور ۾ اردو بازار تاريخي اهميت رکي ٿي، ڪتاب ۽ پرنٽنگ سان شرف رکندڙ ان مان فائدو کڻي سگهن ٿا.
پاڪستان ۾ ميڊيا ۽ جمهوريت کي مڪمل آزادي حاصل آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی