اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فرد??س عاشق اعواڻ چيو آهي ته مودي جو انتهاپسند ۽ تعصباڻو نظريو عمران خان جي امن جي سوچ کان شڪست کائي چڪو آهي، صدر ٽرمپ جو بيان پاڪستان کي دهشتگردي سان جوڙڻ جي ڪڌي ڀارتي ڪوشش تي ڪاري ضرب آهي، مودي اسلحي جا انبار ۽ بارود جا ڍير خريد ڪري به عمران خان جي ڪامياب سفارتڪاري جي سامهون بي وس ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. خاص مددگار ڊاڪٽر فرد??س عاشق اعواڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڪشميرين تي ظلم عالمي ضمير جهنجهوڙي ڇڏيو آهي، ٽرمپ جو اهو بيان ثبوت آهي ته ڪشمير هڪ ??ڃيل عالمي تڪرار آهي، خون ناحق تي پوري دن??ا جو آواز بلند ڪرڻ خوش آئنده آهي.
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش