اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر وزيراعظم جي ايڊوائيس تي گڏيل مفادن واري ڪ??ئونسل جي نئين سر جوڙجڪ ڪري ڇڏي آهي جيڪا 31 آگسٽ 2018ع کان موثر هوندي، جاري نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم ڪائونسل جو چيئرمين هوندو. چئني صوبن پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن سميت ناڻي، روينيو ۽ اقتصادي معاملن وارو وزير، پارلياماني معاملن وارو وزير، صنعت ۽ پيداوار وارو وزير ڪائونسل جا ميمبر هوندا. وزيراعظم پاڪ چ??ن اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي لا??ِ پڻ ڪابينا ڪم??ٽي جوڙي ڇڏي آهي. منصوبابندي ۽ سڌارن وارو وزير سي پيڪ بابت ڪابينا ڪم??ٽي جو چيئرمين هوندو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال