اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) ??ي سينرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي وا??اريل ڄمون ڪشمير جي عوام تي ڀارتي فوج جي ظلمن ۽ انساني حقن ??ي سنگين ڀارتي خلاف ورزين جي مذمت ڪندي ريفرنڊم لاء?? ڪشميري عوام جي جدوجهد ??ي هر ممڪن سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جو وچن ڪيو آهي. سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي هڪ قرارداد ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي وزيراعظم جي جرئتمنداڻي ۽ ڀرپور خطاب کي ڪشميري ۽ پاڪستاني عوام جي امنگن جي ڀرپور ترجماني وارو قرار ڏيندي ان کي ساراهيو ۽ چيو ته عا??مي اڳواڻن ۽ عا??مي ادارن سان وزيراعظم جي رابطن واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڪشمير جي مستقبل جو فيصلو هندستان جي ورڇ جي نامڪمل ايجنڊا آهي ۽ ان کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪرڻ کانسواءِ خطي ۾ پائيدار امن قائم نه ٿو ٿي سگهي.
مسلم ليگ (ن) جي سي اي سي پاران ڀارتي ظلمن جي مذمت
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات