اسلام آباد – 06 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ٽيڪسٽائيل، زرعي مشينري ۽ دواسازي جي شعبن ۾ وسيع تر حصيداري سان سينيگال سان ٻطرفن واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺرا??ڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم هائوس ۾ سينيگال جي صدر ميڪي سال سان خصوصي ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهين دوران وزيراعظم ٻطرفي واپار کي 30.469 ملين ڊالر س??لي??نو جي موجوده سطح کان وڌائي حقيقي صلاحيتن سان هم آهنگ ڪرڻ تي زور ڏنو. هن وقت پاڪستان جي سينيگال جي لاءِ س??لي??نو روانگي واپار 29.33 ملين ڊالر آهي جڏهن ته سينيگال سان آمدني واپار جو ڪاٿو 1.06 ملين ڊالر آهي. ڳالهين دوران وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ سينيگال جي صدر پنهنجي پنهنجي وفدن جي سربراهي ڪئي. وزيراعظم نواز شريف سينيگال جي صدر تي زور ڀريو ته هو چم??ي ۽ هلڪي انجنيئرنگ جي مصنوعات، زرعي مشينري ۽ ساز و سامان سميت پاڪستاني مصنوعات مان فائدو کڻي. هن چيو ته ان ڏس ۾ اسان جي واپار واري وزي?? جي سربراهي ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري وفد سينيگال جو دورو ڪري سگهي ٿو. هن شگر ۽ سيمنٽ پلانٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ سينيگال کي فني تعاون جي فراهمي کانسواءِ زرعي شعبي کي هٿي وٺرائڻ جي آڇ پڻ ڪئي.
وزيراعظم پاران سينيگال سان ٻطرفن واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار