لنڊن -25 سيپٽمبر (اي پي پي ) دنيا جي سڀ کان وڏي حلال فوڊ ??يسٽيول جي تقريب 28 کان 29 سيپٽمبر تائين لنڊن اسٽيڊيم ۾ منعقد ڪئي پئي وڃي. پرڏيهي ميڊيا موجب انتطاميا کي هن سال فوڊ ??يسٽيول ۾ 20000 کان به وڌيڪ شرڪت ڪندڙن جي آمد جو امڪان آهي. فوڊ ??يسٽيول ۾ پاڪستان سميت ترڪيه، مراڪش ۽ انڊونيشيا جي نمائندگي ڪندڙ وينڊرز، شيفرز ۽ فوڊ اسٽالز موجود هوندا . تقريب جي انتظاميا ڪميٽي جي ڊائريڪٽر وليد جهانگير ٻڌايو آهي ته سموري دنيا ۾ مسلم آبادي ۾ لڳاتار اضافي سبب حلال فوڊ جي مصنوعات جي گهرج ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته حلال فوڊ ??ان تيار ڪيل معياري ذائقن ?? وڌندڙ دلچسپي نه رڳو مسلمان صارفين پر غير مسلمانن جو ڌيان به حلال کاڌن طرف ڏياريو آهي. ان تقريب ۾ مشهور شيف شخصيتن جي تيار ڪيل کاڌن جي ذائقن بابت لائيو ڪوڪنگ شو منعقد ڪيو ويندو جنهن جي ميزباني عالمي شهرت يافته شيف شيلينا پرمولو ڪندي.
لنڊن ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو حلال فوڊ فيسٽيول 28 سيپٽمبر تي ٿيندو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں