گڏيل قومون- 30 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته اسرائي??ي فوج جي واپسي جي نئين حڪم سان غزه جي بي گهر فلسطينين کي وڌيڪ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو. گڏيل قومن جي انساني همدردي جي اداري جي اختيارين مطابق غزه ۾ نئين جبري لڏ پلاڻ فلسطينين کي وڌيڪ ڏکيائين ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿي. فلسطيني پناهگيرن جي مدد ڪندڙ گڏيل قومن جي ايجنسي يو اين آر ڊبليو اي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري پوسٽ ۾ چيو آهي ته اسرائي??ي فوج طرفان جاري واپسي جو حڪم نصيرات ۽ بريج پناهگير ڪيمپن کي شديد متاثر ڪيو آهي ۽ غزه ۾ فلسطيني شهرين ج?? تحفظ جو ڪو وجود ناهي. يو اين آر ڊبليو اي جي ڪمشنر جنرل فلپ لاراريني چيو ته غزه جو اٽڪل هر هڪ شهري اسرائي??ي فوج جي جي ان حڪم سبب متاثر ٿيو آهي ۽ 9 مهينا اڳ جنگ شروع ٿيڻ بعد ڪيترائي ماڻهو هر مهيني ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بي گهر ٿيڻ تي مجبور ٿيا آهن.
اسرائيلي فوج جي واپسي جي نئين حڪم سان غزه جي بي گهر فلسطينين کي وڌيڪ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات