منسڪ -09 جولاءِ (اي پي پي) چين ۽ بيلا روس پولينڊ جي سرحد ويجهو گڏيل فوجي مشقون شروع ڪري ڇڏيون جيڪي 19 جولاءِ تائين جاري رهنديون. برطانيا جي خابرو اداري رائٽرز مطابق ان سلسلي ۾ ب??لا روس ۽ چين جي دفاع وارين وزارتن ٻڌايو ته چين ۽ بيلا روس گذريل ڏينهن گڏل?? فوجي مشقون شروع ڪيون، هي مشقون نيٽو جي ميمبر ملڪ پولينڊ جي سرحد کان ڪجهه ميلن جي فاصلي تي منعقد ڪيون ويون. بيلا روس جي دفاع واري وزارت مس??نگ ايپ ٽيليگرام تي بيلا روس جي اسپيشل آپريشنز ڪمانڊ ج?? چيف ميجر جنرل واديم ڊينيسنڪو جو حوالو ڏيند?? چيو ته دنيا ۾ رونما ٿيندڙ واقعن تي ڳڻتي آهي ان لاءِ اسان جي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ پولينڊ جي سرحد تي واقع بيلا ورس جي شهر بريسٽ ۾ فالڪن اسالٽ نال?? فوجي مشقون 19 جولاءِ تائين جاري رهنديون. چين جي دفاع واري وزارت گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو ته چين جا فوجي 6 جولاءِ تي بيلا روس پهتا هئا. وزارت بيان ۾ چيو ته گڏيل فوجي مشقن جو مقصد فوجين جي هم آهنگي جي صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ عملي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ آهي.
چين ۽ بيلا روس جي گڏيل فوجي مشقون شروع
مضمون کا ماخذ : números dupla sena