سيئول – 14 مارچ (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا ۾ سامونڊي ڪناري و??جهو مهاڻن جي ٻيڙي ٻڏڻ سبب 3 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ هڪ گم ٿي و??و. شنهوا ڏکڻ ڪوريا جي يونهاپ نيوز ايجنسي جي حوالي سان ٻڌايو ته گذريل ڏينهن 139 ٽن وزني ٽرالر گادي واري ش??ر کان اٽڪل 330 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ ٽونگيونگ شهر جي هڪ ٻيٽ ۾ ٻڏي و??و. جنهن ۾ عملي جا 11 ڪارڪن سوار هئا جن ۾ 4 ڏکڻ ڪوريائي، 6 انڊونيشيا ۽ هڪ جو تعلق ويتنام سان هو. ڪوسٽ گارڊ واقعي جو اطلاع ملند?? ئي واقعي واري هنڌ پهچي و??ا ۽ عملي جي 10 ڪارڪنن کي ڪوسٽ گارڊ ۽ ويجهن ٻيڙين بچائي ورتو پر هڪ ڪپتان سميت 3 ڏکڻ ڪوريائي ش??رين کي بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو اجل جو شڪار ٿي و??ا جڏهن ته ڏکڻ ڪوريا جو هڪ ملاح گم ٿي و??و. گم ٿيل شخص جي ڳولا لاءِ ڪاروائيون جاري آهن جنهن ۾ 16 ٻيڙيون، ٻه بحريا جا جهاز ۽ ٽي هوائي جهاز حصو وٺي رهيا آهن.
ڏکڻ ڪوريا ۾ مهاڻن جي ٻيڙي ٻڏڻ سبب 3 ڄڻا اجل جو شڪار، هڪ گم
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea