اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) سينيئر پاڪس??ان?? سفارتڪار منير اڪرم يونيسيف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ کي ٻُڌايو آهي ته پاڪستان چئلينجز باوجود پوليو جي مڪمل خاتمي طرف اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. هن پوليو جي خاتمي بابت بورڊ جي خصوصي اجلاس دوران چيو ته اسان 2026ع تائين پوليو جي خاتمي لاءِ مقرر وقت اندر پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ پُرعزم آهيون. ان حوا??ي سان تبصرو ڪندي پاڪس??ان?? سفير نشاندهي ڪئي ته 2022ع ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ پوليو ويڪسينيشن مهم کي بُريءَ طرح متاثر ڪيو هو. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ۽ عالمي شراڪتدارن جي ٺوس ڪوششن سبب گذيل سال پوليو جا صرف 6 ڪيس سامهون آيا. هن ٻُڌايو ته هلندڙ سال پاڪس??ان?? حڪومت 45 ملين ٻارن کي حفاظتي ٽُڪا لڳائڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي ۽ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڳ ئي ان مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. پاڪس??ان?? سفير چيو ته ان هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ سموريون ڪوششون ڪيون ويون. هن چيو ته ان حوا??ي سان پاڪستان کي پنهنجن سمورن لاڳاپيل عالمي شراڪتدارن سان فني ۽ مالي تعاون جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته 24ع ۾ پوليو پروگرامن لاءِ 205 ملين ڊالر گهربل هئا ۽ 95 ملين ڊالر جي کوٽ هئي. سفير منير اڪرم سمورن عطيو ڏيندڙ شراڪتدارن تي زور ڀريو ته هو پوليو جي خاتمي جي ڪوششن ۾ دل کولي حصو وجهن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته ٻارن کي قطرا پيئارين. هن نمائندن کي ٻُڌايو ته اسان پوليو خلاف جنگ ۾ آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهيون ۽ 2026ع تائين پوليو جي خاتمي لاءِ فوري ۽ جرئتمنداڻي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. واضح رهي ته ايگزيڪيوٽو بورڊ يونيسيف جي سرگرمين جو جائزو وٺي ٿو ۽ انهن جي پاليسين، ملڪي پروگرام ۽ بجيٽ جي منظوري ڏئي ٿو. هي بورڊ 26 ميمبرن تي ٻَڌل آهي. گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن جي 5 علائقائي گروپن جي نمائندگي ڪري ٿو. ان جو ڪم بيورو ذريعي ??ربوط آهي، جنهن ۾ ??در ۽ چار نائب ??در شامل آهن ۽ هر هڪ آفسر 5 علائقائي گروپن مان هڪ جي نمائندگي ڪري ٿو.
پاڪستان 2026ع تائين پوليو جي خاتمي بابت اهم اڳڀرائيءَ لاءِ پُرعزم آهي: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار