قاهره-06 ڊسمبر (اي پي پي)مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي فلسطين تڪرار جي ٻه رياستي حل ۽ آزاد فلسطيني رياست جي قيام لا??ِ ڪوششون اڳيان وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي،ميڊيا رپورٽن موجب گذريل ڏينهن قبرص جي صدر نيڪوس ڪرسٽو ڊولائيڊز سان ملاقات دوران هن چيو ته اوڀر ??يت المقدس ۾ آزاد فلسطيني رياست ئي خطي ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي ذريعي ثابت ٿي سگهي ٿي. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته ان سلسلي ۾ پنهنجون ذميواريون سنڀالي، سندس ملڪ فلسطيني رياست جي قيام لا??ِ عالمي برادري ۽ سمورين ڌرين سان سهڪار لا??ِ تيار آهي،مصري ايوان صدر جي ترجمان مشير احمد فهمي ٻڌايو ته ملاقات دوران علائقائي صورت??ال خاص ڪري غزه ۾ وڌنڌڙ ڇڪتاڻ ۽ غزه ۾ مستقل جنگ بندي تائين پهچڻ لا??ِ ڪوششون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، قبرص جي صدر غزه ۾ صورت??ال کي پرسڪون ڪرڻ لا??ِ مصر جي ڪوششن جي تعريف ڪئي.
آزاد فلسطيني رياست جي قيام تائين خطي ۾ دير پا امن جو خواب پورو نه ٿو ٿي سگهي: مصر
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria