اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزارت بئريسٽر سيد علي ظفر جي اڳواڻي ۾ پارليامينٽ ۾ پريزنٽيشن جي لاءِ ڪيترن ئي بلن جو مسودو تيار ڪري ورتو آهي، جنهن تي نئين وفاقي ڪابينا غور ڪندي، جمعي ڏينهن هتي جاري بيان موجب قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر قانون ۽ انصاف واري وزارت ?? قانونن جي سڌارن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته ملڪ کي انصاف ۾ دير جهڙو سنجيده مسئلو درپيش آهي ۽ ان سبب جي ڪري ڪيسن جو ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين فيصلو ناه?? ٿيندو، هن چيو ته انصاف ۾ دير جو مطلب انصاف جي شڪ??ت آهي، اها ڳالهه سول ڪورٽس ۾ فيصلي جي منتظر ديواني ڪيسن جي حوالي سان خاص طور ان لاءِ در??ت آهي ته سول ڪورٽس ۾ هڪ سول ڪيس جو فيصلو اچڻ ۾ ڪيترائي سال پر ڪيترائي ڏهاڪا لڳي ويندا آهن، ان جي وڏن سببن ?? قانون ۾ سڌارن جي گهٽتائي به شامل آهي.
قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزارت پاران پارليامينٽ ۾ پريزنٽيشن جي لاءِ مسودو تيار
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی