اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ دانيال عزيز چيو آ??ي ته جن اڳواڻن جو پاناما سان ڪو به تعلق نه هو ??هي سپريم ڪورٽ آيل هئا، سپريم ڪورٽ ۾ پانام?? ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ دانيال عزيز چيو ته چوڌري شجاعت، پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ جن جو پانام?? ڪيس سان ڪو به تعلق نه هو اهڙي طرح سپريم ڪورٽ آيا جيئن انهن جي ڊيوٽي لڳائي وئي آهي، هن چيو ته پانام?? ڪيس ۾ 24 آگسٽ 2016ع تي جماعت اسلامي جي درخواست 450 ماڻهن جي خلاف هئي، ان درخواست تي ڪنهن قسم جو احتجاج نه ٿيو، 29 اگسٽ تي عمران خان شريف خاندان جي خلاف درخواست ڏني ته ان کانپوءِ جماعت اسلامي به پ??هنجي پهرين درخواست واپس وٺي صرف وزيراعظم ميان محمد نواز شريف جي خلاف نئين درخواست سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک