اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل اياد امين مدني وا??اريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي تيزي سان خراب ٿيندڙ صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڪشمير مسئلي کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جي عزم کي ورجايو آهي ۽ چيو آهي ته او آءِ سي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونس?? جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن ??وجب ڪشمير مسئلي جي ح?? جي مڪمل حمايت ڪري ٿي. پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل وا??اريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي سخت ڳڻتي جو اظهار ۽ ڪشمير مسئلي کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. هن چيو ته عالمي برادري وا??اريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي خلاف آواز بلند ڪرڻ ۽ عملي قدم کڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری