واشنگٽن – 2 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر جوبائيڊن پنهنجي پٽ هنٽر ب??ئيڊن جي سزا معاف ڪرائيندي چيو ته اهو ڪيس سياسي هو جنهن ڪري کيس معاف ڪيو پيو وڃي. پرڏيهي ميڊيا مطابق جوبائيڊن جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڄ هن پنهنجي پٽ هنٽر ب??ئيڊن جي معافي نامه تي صحيحيون ڪيون آهن. هن ڪيس کي سياسي مقصد حاصل ڪرڻ ۽ انصاف کي گهمراه?? ڪرڻ جي ڪوشش قرار ڏنو. هن چيو ته سندس ڪيترن سياسي مخالفن طرفان سندس چونڊ بعد اهو الزام سامهون آيو ” ڪو به باشعور ماڻهو هنٽر ب??ئيڊن تي ل??اي?? الزام تي نظر وجهي ته هو ان کان علاوه ڪنهن ٻئي نتيجي تي نٿو پهچي سگهي ته هنٽر ب??ئيڊن کي رڳو ان لاءِ نشانو بڻايو ويو هو ته هو سندس ??ٽ آهي. جوبائيڊن چيو ته اميد آهي ته آمريڪي ان ڳالهه کي سمجهندا ته هڪ پٽ ۽ صدر ان فيصلي سان ڇو سامهون آيا . هنٽر ب??ئيڊن کي 2018ع ۾ بندوق رکڻ جو ڏوهي قرار ڏنو ويو هو . جڏهن ته پراسيڪيوٽر جو اهو به چوڻ هو ته هن منشيات جي استعمال جي حوالي سان به ڪوڙ ڳالهايو هو . اهڙي طرح سيپٽمبر ۾ مٿس 14 لک ڊالر ٽيڪس ادا ن?? ڪرڻ جو الزام ل??اي?? هو پر ب??د ۾ هن مالي معاملن ۾ بدعنواني جو اعتراف ڪري ورتو هو. هن چيو هو ته هو ڏوهه جو اعتراف پنهنجي خاندان کي وڌيڪ شرمندگي ۽ تڪليف کان بچائڻ لاءِ ڪري رهيو آهي.
آمريڪي صدر پنهنجي پٽ جي سزا معاف ڪري ڇڏي، ڪيس سياسي هو: صدر جوبائيڊن
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری