تهران -27 آگسٽ (اي پي پي) ??ير??ن جي صدر مسعود پيز شڪيان مسلمان ملڪن تي زور ڀريو آهي، ته اهي اسرائيل جي غزه ۾ ڏوهن ۽ نسل ڪشي کي روڪڻ لاءِ گڏيل قدم کڻن. ميڊيا مطابق سندس آفيس مان جاري هڪ بيان مطابق هن اها اپيل ??ير??ن ??ي دوري تي آيل قطر جي وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني س??ن ڳالهين دوران ڪئي. مسعود پيز شڪيان چيو ته مسلمان رياستون ۽ اهي سمورا ملڪ ??يڪي عالمي قانون ۽ فريم ورڪ جا پابند آهن، انهن کي اسرائيل جي حامين کي لغام ڏيندي غزه ۾ جاري اسرائيل جي بدترين ڏوهن ۽ نسل ڪشي کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ گهرجن. غزه ۾ جنگ بندي لاءِ قطر جي ڪوششن کي س??راهيندي هن چيو ته جيئن ته غزه م سمورن عالمي قانونن ۽ ضابطن جون لاڳيتو ڀڃڪڙيون جاري آهن، پر انساني حقن جي وڪالت ڪرڻ ??ي دعويٰ ڪندر ملڪ ??ه اسرائيلي جارحيت تي خاموش آهن.
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز