جنيوا – 08 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن ۽ ٻين بين الاقوامي تنظيمن غزه ۾ ڇهن مهينن کان جاري جنگ کي تباهه ڪندڙ قرار ڏيندي ان ۾ ٿيل ??اني نقصان جي مذمت ڪئي آهي. اي اي?? پي مطابق انٽرنيشنل فيڊريشن آف ريڊ ڪراس اي??ڊ ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽيز (آءِ اي?? آڙ سي) چيو جنگ ۾ انسانيت کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايچ او) جي سربراهه ٽيڊروس ايڊهانوم گيبريئس هڪ ڀيرو ٻيهر تشدد جي وحشياڻي عمل جي مذمت ڪندي باقي يرغمالين جي آزادي جو مطالبو ڪيو. هن زور ڏئي چيو اهو ظ??م اسرائيل ??رفان غزه ۾ جاري خوفناڪ بمباري، گهيراءُ ۽ صحت جي نظام جي تباهي، امدادي ڪارڪنن س??يت لکين شهرين جي موت، زخمي ۽ بک سان مرڻ جو جواز پيش نٿو ڪري. هن ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو ته بنيادي ضرورتن خوراڪ، ٻارڻ، صفائي، پناهگاهون، سيڪيورٽي ۽ صحت جي سار سنڀال کان انڪار غير انساني ۽ ناقابل برداشت آهي. ڊبليو ايچ او مطابق غزه جي 36 اهم اسپتالن مان رڳو 10 جزوي طور تي ڪم ڪري رهيون آهن.
غزه جي جنگ ۾ انسانيت کي نظر انداز ڪيو ويو آهي: ريڊ ڪراس
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں