واشنگٽن -26 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي، ته ف??انس جي نائيجر مان واپسي بعد نائيجر جي حوالي سان آمريڪي موقف ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي، فرانس جي نائيجر مان پنهنجي فوج جي واپسي جي اعلان بعد آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته ف??انس جي ان قدم بعد اسان جو موقف تبديل نه ٿيندو. هن چيو ته نائيجر ۾ هن وقت اٽڪل 1100 آمريڪي فوجي اه??ڪار مقرر آهن. ٻئي طرف آمريڪي دفاع واري وزير اعلان ڪيو آهي، ته ف??انس طرفان نائيجر مان پنهنجي سفير ۽ فوج جي واپسي واري اعلان بعد آمريڪا نائيجر بحران جي حوالي سان پنهنجي مستقبل جي قدمن جو جائزو وٺندو. هن ڪينيا جي دوري دوران نيروبي ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته جڏهن ته اسان سفارتڪاري کي هڪ اه?? موقعو ڏيندا آهيون ته اسان مستقبل لاءِ اهڙن قدمن جو به جائزو وٺي ??هيا آهيون جنهن سان ا??ان جي سفارتي ۽ سلامتي وارن هدفن کي ترجيح ملي.
نائيجر مان فرانس جي واپسي بعد به آمريڪي موقف تبديل نه ٿيندو: ترجمان
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس