گڏيل قومون-06 جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي اداري يوني??يف چيو آهي ته سڄي دنيا ?? 5 سالن کان گهٽ عمر جي هر چئن مان هڪ ٻار شديد غذائي کوٽ جو شڪار آهي. يوني??يف جي رپورٽ جي مرڪزي مصنف هيريئٽ ٽورليس موجب انهن ٻارن جو تعداد 18 ڪروڙ ٺهي ٿي ۽ غذائي کوٽ سبب انهن جي واڌ ويجهه ۽ ترقي تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. انهن ٻارن کي زنده رهڻ لاءِ تمام گهٽ خوراڪ دستياب آهي. يوني??يف موجب 5 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي روزاني 8 اهم گروپن مان پنج غذائون کائڻ گهرجن جن ۾ ماءُ جو کير، اناج، پاڙن واري ڀاڄي، ٽيوبرز ۽ پلانٽين، داليون ۽ ميوا ۽ ٻج، گوشت، پولٽري ۽ مڇي، بيضا وٽامن اي سان ڀرپور ميوا ۽ ڀاڄيون ۽ ٻيا ميوا ۽ ڀاڄيون شامل آهن. يوني??يف موجب اٽڪل هڪ سئو کان گهٽ ۽ وچولي آمدني وارن ملڪن ۾ رهندڙ پنج سالن کان گهٽ عمر جا 440 ملين ٻار غذائي غربت ۾ زندگي گذاري رهيا آهن، يعني کين روزاني مٿي ڏنل پنج فوڊ گروپن تائين پهچ ??اهي. انهن مان 181 ملين ٻارن کي وڌ کان وڌ ٻن فوڊ گروپس تائين پهچ حاصل آهي.
سڄي دنيا ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي هر چئن مان هڪ ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهي: يونيسيف
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر