گڏيل قومون -19 جولاءِ (اي پي پي)گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي مص??وعي ذهانت جي حوالي سان منعقد ٿيل پهرين اجلاس ۾ چين چيو آهي، ته ان ٽيڪنالاجي کي بي لغام گهوڙو نه بڻائڻ گهرجي، جڏهن ته آمريڪا خبردار ڪيو آهي، ته اها ٽيڪنالاجي ماڻهن تي پابندي لڳائڻ يا کين دٻائڻ لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿي?? برطانوي خابرو ايجنسي مطابق برطانيه جي پرڏيهي وزير جيمز ڪليوري چيو آهي، ته مص??وعي ذهانت انساني زندگي ج?? هر بنيادي پهلو کي بدلائي ڇڏيندي. هن چيو ته مص??وعي ذهانت موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۽ معيشتون کي هٿي وٺائڻ ۾ به مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته اها ٽيڪنالاجي غلط معلومات کي هوا ڏيڻ ۽ رياستي ۽ غير رياستي عنصرن جي هٿيارن جي ڳولها ۾ معاونت ڪري سگهي ٿي، 15 رڪني ڪائونسل کي گڏيل قومن جي سيڪريٽري ج??رل انتونيو گوتريس هاءِ پروفائيل آرٽيفيشل انٽيليجنس اسٽارٽپ انٿروپڪ جي شريڪ باني ج??ل ڪلارڪ ۽ چائنا يو ڪي ريسرچ سينٽر فار اي آءِ ايٿڪس اينڊ گورننس جي شريڪ ڊائريڪٽر پروفيسر زينگ يي بريفنگ ڏني. گڏيل قومن جي سربراهه چيو ته مص??وعي ذهانت جو فوجي ۽ غيرفوجي شعبن ۾ استعمال عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين نتيجا ڏئي سگهي ٿو. هن انهي غيرمعمولي ٽيڪنالاجي کي ڪنٽرول ڪرڻ ج?? ڪجهه رياستن طرفان گڏيل قومن جي هڪ نئين اداري ج?? قيام جي مطالبن جي پڻ حمايت ڪئي. گڏيل قومن ۾ چين جي سفير مص??وعي ذهانت کي ٻه منهين تلوار قرار ڏنو ۽ چيو ته چين مص??وعي ذهانت لاءِ رهنما اصول قائم ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جي مرڪزي ڪردار جي حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته مص??وعي ذهانت جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته انسان ان کي ڪهڙي طرح استعمال ڪندو آهي ان کي ڪهڙي ريت منظم ڪندو آهي ۽ اسان سائنسي ترقي کي سيڪيورٽي سان ڪنهن ريت توازن ۾ رکون ٿا.
مصنوعي ذهانت ٻه منهين تلوار آهي، ان ٽيڪنالاجي کي بي لغام گهوڙو نه بڻائڻ گهرجي: سلامتي ڪائونسل ۾ بحث دوران چين جو موقف
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو