اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود کي سعودي عرب جو ولي عهد مقرر ٿيڻ تي دلي مبارڪباد ڏيندي ان يقين جو اظهار ڪيو آهي ته سندس فعال ۽ بصيرت واري قيادت ۾ سعودي عرب عظمت جي نئين بلندين تي پهچندو ۽ سلطنت جي برادر عوام وڌيڪ خوشحال ٿيندي. ولي عهد جي نالي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ وزيراع??م پاڪستان جي حڪومت، عوام ۽ پنهنجي طرفان مبارڪون پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل عقيدي، قدر ۽ امت جي مستقبل جي لاءِ هڪجهڙين اميدن ۾ ٻڌل آهن.
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil