گڏيل قومون -27 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن افغان حڪومت کان صحافين ۽ ميڊيا ڪارڪنن کي تحفظ فراهم ??رڻ جو مطالبو ڪندي چي?? آهي، ته افغان حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته ميڊيا آئوٽ ليٽس آزاداڻي طور تي بغير ڪنهن پابندي يا سينسرشپ جي افغانستان ۾ ڪم ڪري سگهن. افغانستان ۾ گڏيل قوم?? جي مشن (يو اين اي ايم اي) ۽ گڏيل قوم?? جي انساني حق?? جي ??في?? افغانستان ۾ ميڊيا جي آزادي جي عنوان سان جاري گڏيل رپورٽ ۾ آگسٽ 2021ع کان سيپٽمبر 2024ع وچ ۾ افغانستان ۾ صحافين، ميڊيا ورڪرن ۽ آئوٽ ليٽس جي درپيش وڌندڙ چئلينجز تي روشني وڌي. افغانستان ۾ گڏيل قوم?? جي مش?? جي سربراهه روزا اوتن بائيزا چي?? آهي، ته ڪنهن به ملڪ لاءِ آزاد پريس هڪ چونڊ ناهي پر هڪ ضرورت آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ ميڊيا جي شعبي لاءِ فني ۽ مالي مدد ۽ اهڙي طرح اظهار جي آزادي ۽عوامي بحث?? جي اهميت جي حمايت ملڪ جي ترقي لاءِ اهم آهي. افغانستان ۾ ميڊيا جي آزادي جي عنوان سان رپورٽ ۾ تشدد ۽ انبرابري جي سلوڪ جي 130 واقعن سان پنهنجي مرضي جي گرفتاري ۽ حراست جي 256 واقعن جو خاڪو پيش ڪيو ويو. گڏيل قوم?? جي رپورٽ جي جواب ۾ افغان پرڏيهي وزارت صحافي?? جي ان تعداد کي گرفتار ڪرڻ جي ترديد ڪندي چيو ته حراست ۾ ورتل ماڻهن ڏوهه ڪي?? آهي. ان کان اڳ گڏيل قوم?? جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ??رڪ چي?? آهي ته صحافي ۽ ميڊيا ڪارڪن رڳو مبصر ناهن، هو شفافيت ۽ جوابدهي کي يقيني بڻائين. هن چيو ته صحافي برادري کي انساني ۽ تحفظ جي مسئلن بابت اهم معلومات جي فراهمي ۾ مدد ڏيڻ ۾ اهم آه?? جيڪي سندن زندگين کي سڌي ريت متاثر ڪن ٿا. گڏيل قوم?? جي هيڊ ڪوارٽر ۾ روزاني جي بنياد تي ٿيندڙ ميڊيا بريفنگ دوران نائب ترجمان فرحان عزيز حق چي?? آهي، ته عورت صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي خاص اڻبرابري وارن قدمن جو منهن ڏسڻو پئجي رهي?? آهي جيڪو سندن ڪم ڪرڻ جي صلاحيت کي محدود ڪري ٿو. رپورٽ ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو وي?? آهي ته آزاد صحافت نه رڳو شفافيت ۽ احتساب لاءِ ضروري آهي پر ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ به ضروري آهي.
افغان حڪومت صحافين کي تحفظ فراهم ڪري ۽ ميڊيا جي آزادي کي يقيني بڻائي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ