واشنگٽن -04 نومبر (اي پي پي) عالمي بئنڪ توانائي، زرعي ۽ غذائي شين جي قيمتن ۾ جاري ۽ ايندڙ سالن دوران گهتتائي جي ??ڳڪٿي ڪئي آهي. اها ڳالهه عالمي بئنڪ جي ”ڪموڊٽي مارڪيٽس آئوٽ لڪ“ جي نالي سان جاري تازي رپورٽ ۾ چئي آهي. رپورٽ موجب جاري سال دوران برينٽ تيل جي ??راسري قيمت 80 ڊالر في ??يرل، 2025ع ۾ 73 ڊالر ۽ 2026?? ۾ 72 ڊالر في ??يرل رهڻ جو امڪان آهي. جيو پوليٽڪل تڪرار خاص ڪري وچ اوڀر جي ??ورتحال سبب تيل جي قيمتن ۾ اضافي ??و خدشو آهي، جڏهن ته رسد ۾ اضافي ۽ اقتصادي استحڪام کي نظر ۾ رکندي تيل جي قيمتن ۾ ڊگهي عرصي تائين گهٽتائي جو امڪان به آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2025ع ۾ ڪچي تيل جي ??وزانو رسد 105 ملين بيرل تائين ٿيڻ جو امڪان آهي جيڪو جاري سال جي ڀيٽ ۾ 2 ملين بيرل روزانو وڌيڪ آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته زرعي جنسن جي قيمتن ۾ استحڪام جي ??ميد آهي، 2024ع کان پوءِ ايندڙ ٻن سالن ۾ زرعي جنسن جي قيمتن ۾ 4 سيڪڙو تائين گهٽتائي جا امڪان آهن. سازگار موسمي حالتن ۽ پيداوار ۾ اضافي ??بب کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ به گهٽتائي جي ??ميد آهي، ان جي ??بتڙ چاڪليٽ ۽ ڪافي ??هڙين مصنوعات جون قيمتون بلند رهڻ جو امڪان به آهي. عالمي بئنڪ جي ??ڳڪٿي مطابق ڌاتن جون قيمتون ايندڙ 2 سالن ۾ مجموعي طور مستحڪم رهڻ جڏهن ته لوهه جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.
توانائي، زرعي ۽ غذائي شين جي قيمتن ۾ جاري ۽ ايندڙ سالن دوران گهٽتائي جو امڪان آهي: عالمي بئنڪ
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش