رياض-24 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي ا??ها عالمي هوائي اڏي جي سربراهه انجنيئر احمد القحطاني چيو آهي ته ا??ها انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي سائيلينٽ ايئرپورٽ بڻايو ويندو. ذريعن موجب هن چيو ته انفراديت پيدا ڪرڻ ۽ مختلف عالمي هوائي اڏن جي طرز تي ڪم ڪرڻ لاءِ ا??ها ايئرپورٽ کي سائيلينٽ ڪيو پيو وڃي. ا??ها ايئرپورٽ گوڙ گهمسان ۽ سمعي آلودگي کان پاڪ ۽ مڪمل طور تي ڊجيٽلائيز هوندو. ايئرپورٽ جي سمورن اليڪٽرانڪ اسڪرينز تي اڏامن جا وقت ۽ گيٽ نمبر واضح هوندا. ايئرپورٽ ۾ اڏامن لاءِ اعلان نه ٿيندو تنهن هوندي به انتهائي ضرورت تحت مختصر اعلان ڪيو ويندو. هن چيو ته ايئرپورٽ ۾ ڪيترين ئي ٻولين جا اليڪٽرانڪ اسڪرينز لڳل هوندا.
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2