رياض – 29 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جي قطيف ڪمشنر?? ۾ ??قامي شهري ماهر الغانم پنهنجي دوست سان گڏجي انتهائي نادر ۽ ناياب شيون جمع ڪري ميوزيم قائم ڪري ورتو آهي. سعودي ٽي وي الاخباريه سان ڳالهائيندي ماهر الغانم ٻڌايو ته کيس قديم شيون جمع ڪرڻ جو شوق هو ۽ هن پنهنجي دوست حسن العوامي سان گڏجي پراڻيون ۽ نادر شيون جمع ڪري ميوزيم قائم ڪري ورتو جنهن ۾ ستن سالن جو عرصو لڳو. هن چيو ته ميوزيم ۾ انتهائي نادر شيون موجود آهن جن ۾ اڪثر هزارين سال پراڻيون آهن. هن چيو ته ميوزيم ۾ 50 جي ڏهاڪ?? ۾ ??لڪ ايندڙ پهرين ٽي وي سيٽ، نار جنگ ۽ پهرين ۽ ٻئين مهاڀاري جنگ جون شيون رکيون ويون آهن جن ۾ فوجين جي خوراڪ جا دٻا، مٿي تي پاتل حفاظتي ٽوپي، بندوق جون گوليون ۽ جنگي لباس وغيره شامل آهن. ميوزيم ۾ هزارين سال قديم استعمال هيٺ مٽي سان ٺهيل ٿانو ۽ صراحين کان علاوه انتهائي نادر ۽ قيمتي پٿر پڻ رکيا ويا آهن.
سعودي شهري هزارين ناياب شيون جمع ڪري ميوزيم قائم ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania