واشنگٽن-30 نومبر (اي پي پي) اڳوڻو آمريڪي پرڏيهي وزير هنري ڪنسجر 100 سالن جي عمر ۾ آمريڪي رياست ڪنيڪٽي ڪٽ ۾ پنهنجي گهر ۾ لا??اڻو ڪري ويو. بي بي سي جي رپورٽ موجب هن آمريڪ?? جي صدر نڪسن ۽ صدر فورڊ جي انتظاميه دوران آمريڪ?? جي اعليٰ سفارتڪار ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار طور خدمتون سرانجام ڏنيون. ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل پنهنجي ڪيريئر دوران هن آمريڪي پاليسي ۾ اهم ڪردار ادا ڪي??، هنري ڪسنجر 1923ع ۾ جرمني جي رياست باويري?? جي يهودي جي والدين جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان نازي پارٽي جي ظلمن کان بچڻ لاءِ جرمني کان فرار ٿي 1938ع ۾ آمريڪا پهتو. هن 1943ع ۾ آمريڪي شهريت حاصل ڪئ?? ۽ ??ن سالن تائين آمريڪي فوج ۾ ۽ بعد ۾ ڪائونٽر انٽيلي جنس ڪور ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. هن چين سان سفارتي لا??اپن، اسرائيل ۽ ان جي پاڙيسرين وچ ۾ 1973ع جي يوم ڪپور جنگ جي خاتمي، پئرس امن معاهد?? ۽ ??يٽنام جنگ جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن 50 ساله بيواهه، پنهنجي هڪ اڳوڻي شادي مان ٻه ٻار ۽ پنج پوٽا پوٽيون سوڳوار ڇڏيون آهن. سندس موت تي اڳوڻي آمريڪي صدر جارج ڊبل??و بش، نيويارڪ سٽي جي اڳوڻي ميئر مائيڪل بلومبرگ، اڳوڻي صدر رچرڊ نڪسن جي ڌيئرن، ٽريشيا نڪسن ڪاڪس ۽ جولي نڪس آئرن هاور تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.
اڳوڻو آمريڪي پرڏيهي وزير هنري ڪسنجر 100 سال جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری