والاريل بيت المقدس -07 نومبر (اي پي پي) فلسطين اسرائيل جي ثقافت واري وزير جي غزه تي ??يٽم بم ڪيرائڻ وارن بيانن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته اسرائيل جو وزير غزه کي نئين هيروشيما طور ڏسڻ چاهي ٿو. سعودي خابرو اداري مطابق فلسطين جي وزيراعظم مح??د اشتيا گذريل ڏينهن هڪ تقرير م چيو هو ته اسرائيل جو وزير غزه کي هيروشيما طور ڏسڻ چاهي ٿو. هن چيو ته غزه ۾ ايمبولينسن کي دنيا آڏو بمباري جو نشانو بڻايو پيو وڃي. هن عالمي برادري کي غزه پٽي ۾ جنگ روڪرائڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو. هن عالمي فوجدا??ي عدالت کان اسرائيل جي حڪومت خلاف ڪيس هلائڻ جو مطالبو ڪندي گڏيل قومن کان غزه ۾ هزارين معصوم ٻارن جي موت بعد ٻ??رڙن جو ڏينهن ملهائڻ کي ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن ان ڳالهه تي ??ور ڀريو ته غزه فلسطين جو اڻٽٽ حصو آهي.
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں