گڏيل قومون -24 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جو اسرائيل فلسطين جنگ جي حوالي سان اجلاس خميس تي ٿيندو. سعودي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي صدر اهڙو اعلان ميمبر ملڪن جي نالي هڪ خط ۾ ڪيو آهي. سلامتي ڪائونسل هاڻي تائين جنگ بابت ڪنهن ??هر??ءَ تي اتفاق ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي پر عرب ۽ ٻين ملڪن جي هڪ گروپ بشمول اردن، روس، شام، بنگلاديش، ويٽنام ۽ ڪمبوڊيا جنرل اسيمبلي جي صدر ڊينس فرانسس سان گڏجاڻي شيڊول ڪرڻ لاءِ باضابطا طور تي درخواس?? ڪئي آهي. واضح رهي ته اسرائيل فلسطين تڪرار تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل گذريل هفتي هڪ روس جي ??هر??ءَ جي مسودي کي رد ڪيو هو جنهن ۾ انساني ??ني??دن تي جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ويو هو. 15 ميمبر ملڪن مان رڳو 5 ان متن جي حماي?? ڪئي جنهن ۾ شهرين خلاف سموري تشدد ۽ دهشتگردي جي سمورين ڪارروائين جي مذم?? ڪئي وئي هئي، جڏهن ته حماس جو نالو نه ورتو ويو، ان بعد آمريڪا برازيل طر??ان پيش ڪيل ٻئي ??هر??ءَ کي ويٽو ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته متن ۾ اسرائيل جي پنهنجي دفاع جي حق جو ذڪر نه هو. ڪائونسل جي 15 مان 12 ميمبرن ان ??هر??ءَ جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو جنهن ۾ هماس حملن جي پڻ مذم?? ڪئي هئي. جڏهن ته روس ۽ برطانيه ان ۾ حصو ورتو. سلامتي ڪائونسل خميس ڏينهن صبح جو جنرل اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ اڱاري تي ان مسئلي تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ اجلاس به ڪيو.
اسرائيل فلسطين جنگ بابت گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو اجلاس خميس تي ٿيندو
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا