گڏيل قومون- 02 جون (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته دنيا هن وقت ماليات، خوراڪ ۽ ماحولياتي تبديلي جي هڪ ٻئي سان جڙيل بحرانن جو مقابلو ڪري رهي آهي جنهن ک?? منهن ڏيڻ لاءِ ڏکڻ – ڏکڻ تعاون ۽ اسرندڙ ملڪن وچ ?? تعاون ک?? وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عامر خان ڏکڻ – ڏکڻ تعاون جي حوالي سان قائم اعليٰ سطح جي ڪميٽي جي اجلاس ۾ خيالن جو ??ظهار ڪندي چيو ته ڏکڻ – ڏکڻ تعاون سان واپار، انفرا اسٽرڪچر ڪنيڪٽيويٽي، انساني سرمايو، تعليم، صحت، زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ماحولياتي تبديلين جي منفي اثرن سان مزاحمت ڪندڙ، آفتن جي خطري ۾ گهٽتائي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون ک?? هٿي ڏيڻ لاءِ مفيد ثابت ٿي سگهي ٿو. ڏکڻ – ڏکڻ تعاون جي ڪميٽي اسرندڙ ملڪن وچ ?? ٽيڪنيڪي تعاون ک?? هٿي ڏيڻ ۽ ان تي عملدرآمد لاءِ 1978 جي بيونس آئرس پلان آف ايڪشن تي عملدرآمد ۾ اڳڀرائي جو ??ائزو وٺي رهي آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته ڏکڻ – ڏکڻ تعاون جو ڪو به متبادل ناهي پر ان جي تڪميل لاءِ اتر –ڏکڻ تعاون ۽ اسرندڙ ملڪن ک?? اتر – ڏکڻ تعاون لاءِ پنهنجي واعدن ک?? پورو ڪرڻ گهرجي. اسان ک?? اميد آهي ته ڏکڻ – ڏکڻ تعاون برابري، گڏيل فائدي ۽ گڏيل تعاون جي بنياد تي تعاون ک?? هٿي ڏيندو رهندو. هن چيو ته پاڪستان آَفتن جي خطري ۾ گهٽتائي ۽ ماحولياتي تبديلين جي منفي اثرن سان مزاحمت رکندڙ خاص طور تي ماحولياتي تبديلين سبب گذريل سال ٻوڏ سبب ٿيل تباهين جي ڏس ۾ ڏکڻ جي ڪامياب قدمن تي عملدرآمد جو ورجاءُ ڪرڻ ۽ ٻين ملڪن ک?? نقصانن کان آگاهه ڪرڻ لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. لچڪيدار بحالي، بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ (4 آر ايف) مضبوط بحالي کي يقيني بڻائڻ ۽ ترقياتي هدفن تي ماحولياتي تبديلي سبب ٿيل تباهي ۽ آفتن جي اثرن ک?? گهٽ ڪرڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي پيش ڪري ٿو. پاڪستاني نمائندي چيو ته ڏکڻ – ڏکڻ تعاون ڏاکڻين ملڪن وچ ?? ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، جنهن سان انهن ک?? اقتصادي طور تي بااختيار بڻائڻ ۽ ترقي جي عمل ۾ مدد ڪري سگهي ٿو.
دنيا کي درپيش ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڏکڻ – ڏکڻ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي: گڏيل قومن جي نائب مستقل نمائندي جو اعليٰ سطح جي ڪميٽي ۾ خيالن جو اظهار
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ