استنبول – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ترڪ واپارين، ڪاروباري ماڻهن ۽ وڏين ڪمپنين کي دعوت ڏني آهي ته هو پاڪستان ۾ معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي پن بجلي، ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ، کاڻيون کوٽڻ، بئنڪاري ۽ ب??يا??ي ڍانچي جي ترقي ۾ س??ڙپڪاري ڪن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڊي ايٽ سربراهه ڪانفرنس جي موقعي تي ترڪي جي غير ملڪي اقتصادي لاڳاپن جي بورڊ سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته ترڪي جا ڪاروباري گروپ فوڊ ??راسسنگ انڊسٽري خاص طور تي کير ۽ ميون جي مارڪيٽ ۾به سيڙپڪاري جي امڪانن جو جائزو وٺي سگهن ٿا، هن چيو ته پاڪستان جي رستي اسان جي پاڙيسري نار ملڪن ۽ وچ ايشيا جي ملڪن کي برآمدات جا موقعا موجود آهن، ب??يا??ي ڍانچي، ٽرانسپورٽ، بيوريجز ۽ اليڪٽرانڪ جي شعبن ۾ ترڪي جي ڪجهه ڪمپنين طرفان پاڪستان ۾ س??ڙپڪاري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان مختلف شعبن ۾ وڌيڪ ڪمپنين جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندو
وزيراعظم پاران ترڪ واپارين ۽ وڏين ڪمپنين کي سيڙپڪاري جي دعوت
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن