اسلام آباد – 02 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي ته پاناما پيپرز جو معاملو سپ??يم ڪورٽ ۾ حل ٿيندو ۽ اعليٰ عدليه ۾ آئين ۽ قانون موجب ان جو فيصلو ٿيندو. هن اها ڳالهه وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وزيراعظم چيو ته منه??جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ اطمينان جي ڳالهه اها آهي ته پاناما پيپرز جو معاملو سپ??يم ڪورٽ ۾ حل ٿيندو. هن چيو ته آئون اها مسلسل ڪوشش ڪندو رهيس ۽ آئون پاڻ سپ??يم ڪورٽ کي ڪميشن بڻائڻ جي درخواست ڪئي. هڪ قانون پڻ جوڙي ڇڏيو ۽ هڪ پارلياماني ڪميٽي پڻ جوڙي ڇڏي پر اسان جي اها ڪوشش ناڪام رهي.
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے