ڪوالالمپور-28 نومبر (اي پي پي) ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم چيو آهي ته ملڪ جي 6 رياستن ۾ طوفاني برساتن کانپوءِ آيل ٻوڏ سبب 37 هزار ماڻهو متاثر ٿيا آ??ن. جڏهن ته انهن ماڻهن جي رهائش لاءِ عارضي ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن پارليامينٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ٿائيلينڊ جي سرحد سان لاڳاپيل اتر اوڀر رياست ڪيلانٽن ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي آهي جتي 9 هز??ر کان وڌيڪ ڪٽنب متاثر ٿيا آ??ن. هن ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي کي سمورن وفاقي ۽ رياستي ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت جاري ڪندي چيو ته ٻوڏ متاثرن جي رهائش جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي. واضح رهي ته هر سال آڪٽوبر کان مارچ تائين سانوڻي جي برساتن دوران ملائيشيا جي اوڀر طرف سامونڊي ڪناري وارن علائقن ۾ ٻوڏ اچڻ معمول جي ڳالهه آهي جتي هر سال هزارين ماڻهو بي گهر ٿيندا آ??ن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت