گڏيل قومون- 20 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته دنيا ۾ تيز رفتاري آبادياتي، موسمياتي ۽ فني تبديلين سبب نوجوانن جو مستقبل مخدوش ٿي ??هي?? آهي، صورتحال برقرار رهي ته 2050ع تا??ين انهن جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. اي ايف پي گڏيل قومن جي اداري اطفال يونيسيف جي سالياني رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو ته عالمي سطح تي ٿيندڙ آبادياتي، موسمياتي ۽ فني تبديليون نوجوانن جي مستقبل لاءِ مشڪلاتن جو سبب بڻجي ??هي??ن آهن. 2050ع تا??ين ان جي نتيجي ۾ ٻارن کي ماحولياتي ۽ آن لائن سميت بيشمار بحرانن کي منهن ڏسڻو پوندو. يونيسيف جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل هڪ بيان ۾ چيو ته موسمياتي تبديلين کان وٺي آن لائن خطرن تا??ين جا بيشمار بحران درپيش آهن ۽ اهي ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ ??دت اختيار ڪرڻ وارا آهن، اها صورتحال نوجوانن جي ترقي خاص طور تي ڇوڪرين لاءِ خطرناڪ آ??ي. ??پورٽ ۾ 2050 تا??ين ٽن وڏن رجحانن جي نشاندهي ڪئي وئي جيڪي غير متوقع سببن کانسواءِ ٻارن لاءِ خطرن جو سبب آهن. پهريون خطرو آبادياتي تبديلي آهي جنهن ۾ ٻارن جو انگ 2.3 بلين جي موجوده انگ اکرن جي برابر رهڻ جو امڪان آ??ي. ??مورن خطن ۾ ٻارن جو تناسب گهٽ ٿي ويندو پر انهن جو انگ غريب ترين علائقن ۾ خاص طور تي آفريقا ۾ وڌندو.
تيز رفتار آبادياتي، موسمياتي ۽ فني تبديلين سبب نوجوانن جو مستقبل خطري ۾ آهي، 2050ع تائين انهن جون مشڪلاتون وڌيڪ وڌي وينديون: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ