جده- 01 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جي امداد ۽ انساني خدمتن بابت شاهه سلمان مرڪز جي امدادي ايجنسي امدادي سامان جون وڌيڪ 16 ٽرڪون رفح ڪراسنگ ذريعي موڪلي ڇڏيون. سعودي پريس ايجنسي موجب شاهه سلمان مرڪز غزه لاءِ هلايل عوامي مهم تحت متاثرن کي کاڌي پيتي جي شين، دوائن، طبي لوازمات ۽ عارضي پناهگاهن لاءِ سامان موڪلي رهيو آه??. ياد رهي ته سعودي امدادي مهم دوران هن وقت تائين 172 ٽرڪ امدادي سامان کڻي رفح ڪراسنگ ذريعي غزه پهتا آه??. سعودي عرب طرفان غزه جي متاثرن لاءِ عوامي عطين واري مهم ۾ هن وقت تائين 600 ملين ريال کان وڌيڪ جي رقم جمع ٿي ??ڪي آهي. شاهه سلمان ??ن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محم?? بن سلمان جي هدايت تي غزه لاءِ عوامي عطيا مهم جاري آه??.
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم