غزه -28 نومبر (اي پي پي) قطر چيو آهي، ته ڌري?? ۾ ??زه ۾ چئن ڏينهن جي جنگ بندي ۾ وڌيڪ ٻن ڏينهن جي واڌ تي اتفاق ڪيو آهي. اها واڌ ڌرين و?? ۾ ??معي تي طئي ٿيل معاهدي تحت آخري 11 اسرائيلن جي آزادي بعد ڪئي وئي. بي بي سي جي رپورٽ موجب اسرائيل جي اختيارين ٻڌايو آهي ته آزاد ٿيلن ۾ 3 سالن جا جاڙا ٻار ۽ سندن والده کان علاو?? وڌيڪ 6 ٻار ۽ هڪ عورت ۽ سندس ٻار شامل آهن. قطر چيو آهي، ته آزادي ماڻيندڙن ۾ فرانس، جرمني ۽ ارجنٽائين جي شهريت رکندڙ ماڻهو به شامل آهن. قيدين جي آمد جي تصديق ٿيڻ بعد اسرائيل جي جيل اٿارٽي چيو آهي، ته 33 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪيو ويو آهي. قطر جي پرڏيه?? وزارت جي تر??مان ماجد الانصاري ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو آهي، ته ڌرين وچ ۾ ٽياڪڙي دوران غزه ۾ وڌيڪ ٻن ڏينهن لاءِ انساني همدردي تحت جنگ بندي جو مدو وڌائڻ جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي. وائيٽ هائوس جي قومي سلامتي جي تر??مان جان ڪربي صحافين کي ٻڌايو ته امريڪا غزه ۾ جنگ بندي ۾ واڌ جي آجيان ڪئي آهي. هن چيو ته يقينن اسان اميد ڪيون ٿا ته ان وقفي کي وڌيڪ وڌايو ويندو ۽ ا?? جو دارو مدار غزه مان يرغمالين کي آزاد ڪرڻ تي هوندو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ان قدم کي جنگ جي اونداهين و?? ۾ ??ميد ۽ ا??سانيت جي هڪ جهلڪ قرار ڏنو آهي. جرمني جي پرڏيه?? وزير يرغمالين جي آزاد جي آجيان ڪئي جنهن ۾ ٻه جرمن نوجوان به شامل آهن.
غزه ۾ چئن ڏينهن جي جنگ بندي ۾ وڌيڪ ٻن ڏينهن جي واڌ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر