راولپنڊي-11 نومبر (اي پي پي) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير آسٽريلين آرمي جي چيف ليفٽيننٽ جنرل سائمن اسٽيورٽ سان ڪالهه جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. خاص طور تي عالمي ۽ علائقائي س??ڪيورٽي جي ماحول تي ڳالهه ٻولهه ٿي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف آسٽريليا سان لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪندي پاڪستان جو ??ن سان دوستاڻن لاڳاپن تي اطمينان جو ??ظهار ڪيو۽ مضبوط ٻه طرفن لاڳاپن کي امن ۽ استحڪام جي گڏيل هدف کي هٿي وٺرائڻ لاءِ آڻٽر قرار ڏنو. ٻنهي طرفان بچاءَ ۽ سلامتي جي شعبن ۾ وڌيڪ تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ خطي ۽ عالمي امن جي لاءِ گڏيل سهڪار جي اهميت کي تسليم ڪندي ع??م کي ورجايو. ليفٽيننٽ جنرل اسٽيورٽ دهشتگرديءَ خلاف پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي دفاعي ۽ سلامتي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو ??ظهار ڪيو. ان کان اڳ جي ايڇ ڪيو اچڻ تي آسٽريلي آرمي چيف شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ته جيئن پاڪستان جي شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪري سگهجي. کيس پاڪستان آرمي جي چست جٿي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.
آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان آسٽريلين آرمي جي چيف ليفٽيننٽ جنرل سائمن اسٽيورٽ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ