اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 11 نومبر تي ري??ض ۾ منعقد ٿيندڙ ٻي گڏيل اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب ويندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته سربرا??ي اجلاس کان اڳ 10 نومبر تي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو اجلاس ٿيندو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ترجمان چيو ته سربرا??ي اجلاس طلب ڪرڻ جي لاءِ اڳرائي سعودي عرب جي حڪومت ڪ??ي آهي جنهن ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. اها غزه ۽ ٻين والاريل علائقن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ ري??ض ۾ 11 نومبر 2023ع تي ٿيندڙ گڏيل عرب اسلامي غيرمعمولي سربراهي ڪانفرنس جو فالو اپ هوندو. ملڪي سربراهن ۽ حڪومتن ۽ عرب ليگ ۽ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي اعليٰ عم??دا??ن جي سربرا??ي اجلاس ۾ شرڪت متوقع آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته وزيراعظم سربرا??ي اجلاس ۾ فلسطيني ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪندو، هو غزه ۾ نسل ڪشيءَ جي فوري خاتمي، فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ خطي ۾ جاري اسرائيلي مهم جوئي کي فوري طور تي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪندو جيڪو وچ اوڀر جي ملڪن جي سلامتي کي خطري ۾ وجهي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام کي عالمي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ 4 جون 1967ع جي سرحدن تي ٻڌل فلسطين جي هڪ آزاد ري??ست قائم ڪرڻ جي لاءِ جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هُجي، تي پڻ زور ڏيندو. ترجمان چيو ته سربرا??ي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم جي عرب ليگ ۽ او آءِ سي جي ٻين ميمبر ملڪن جي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون متوقع آهن.
وزيراعظم 11 نومبر تي رياض ۾ منعقد ٿيندڙ ٻي گڏيل اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب ويندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا