راولپنڊي – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس منشيات اسمگلنگ خلاف 11 ڪارروائين ۾ 32 لک روپين جي ماليت جي منشيات هٿ ڪري عورت سميت 10 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اي اين ايف هيڊڪوارٽر راولپنڊي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪارروائيون ڪيون ويون. جنهن ۾ راولپنڊي ۾ لاله زار رو?? تي 2 ڪارروائين دوران يونيورسٽي ويجهو 69 گ??ام چرس هٿ ڪري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. مو??ر وي ٽول پلازه اسلام آباد ويجهو مسافر وين ۾ سوار عورت کان 2.4 ڪلو گرام چرس هٿ ڪري ورتو. اٽڪ ۾ يونيورسٽي ويجهو جوابدار کان 50 گرام، فيصل آباد ۾ يونيورسٽي ويجهو جوابدار جي قبضي مان 600 گرام آئيس هٿ ڪئي وئي. شاڳئي شهر جي ڪاليج ويجهو جوابدار کان 300 گرام چرس ۽ 200 گرام آئيس هٿ ڪئي. ڪوئيٽا ۾ شهباز چوڪ ويجهو جوابدار جي قبضي مان 940 گرام چرس هٿ ڪيو ويو. ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدار تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات وڪرو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. ڪينال رو?? لاهور تي جوابدار جي قبضي مان 1 ڪلو 40 گرام هيروئن هٿ ڪئي وئي. لاهور ۾ ڪوريئر آفس مان بحرين موڪلڻ لاءِ تيار پارسل مان 450 گرام آئيس هٿ ڪئي. لاهور ۾ والٽن رو?? تي جوابدار کان 360 گرام هيروئن هٿ. ڄامشورو بس اسٽاپ ويجهو جوابدار کان 9 ??لو گرام چرس هٿ ڪيو ويو. ترجمان مطابق گرفتار جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
اي اين ايف پاران منشيات اسمگلنگ خلاف ڪارروائيون، ڄامشورو ۾ جوابدار کان 9 ڪلو چرس هٿ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج