نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ اتي رهندڙ فلسطينين جي نسل ڪشيءَ تي اسرائيل جي احتساب جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم م??مد شهباز شريف عراقي وزيراعظم م??مد شياع السوداني سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻ??هي اڳ??اڻ?? گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي پليٽ فارم تي غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ فلسطيني ڀائرن جي لاءِ انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ عالمي سطح تي ڪوششون تيز ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. ٻنهي اڳ??اڻ?? جي ملاقات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم م??مد شهباز شريف پا??ستان ۽ عراق جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته انهن لاڳاپن جو بنياد تاريخ، ثقافت ۽ مذهب تي ٻڌل آهي. وزيراعظم پا??ستان?? زائرين جي لاءِ هر سال ڪندڙ انتظامن تي عراقي حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو. ملاقات دوران ٻنهي اڳ??اڻ?? پا??ستان – عراق ٻطرفن لاڳاپن جي دائري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو. گڏيل طور تي تعاون جي فروغ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود صلاحيت مان فائدو کڻڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. ٻنهي اڳ??اڻ?? گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن غزه ۾ جاري اسرائيلي قتل عام، ظلم ۽ ڏاڍ ۽ لکين انساني زندگين جي تباهي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم م??مد شهباز شريف پا??ستان پاران غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ غزه جي نسل ڪشيءَ تي اسرائيل کي ذميوار قرار ڏيڻ جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو. عالمي مسئلن تي اتفاق ڪندي ٻنهي اڳ??اڻ?? غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ فلسطيني ڀينرن ۽ ڀائرن کي انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي پليٽ فارمز تي عالمي ڪوششن کي وڌيڪ موثر ۽ تيز ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي عراقي وزيراعظم محمد شياع السوداني سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری