اسلام آباد -22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 23 کان 27 سيپٽمبر تائين نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري پڌرائي مطابق وزيراعظم 27 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ۾ عالمي امن، سلامتي ۽ خوشحالي کي هٿي وٺرائڻ ??اء?? گڏيل قومن جي گهڻ رخي ڪردار جي حمايت ۽ پاڪستان جي مستحڪم عزم جو ورجاءُ ڪندو. وزيراعظم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا ۾ شامل فلسطين مسئلي ۽ ڄمون ڪشمير تڪرار سميت پراڻن مسئلن کي حل ڪرڻ جي اهميت تي به زور ڀريندو. وزيراعظم عالمي اقتصادي لاڳاپن ۾ اڻ برابري کي ختم ڪرڻ ۽ عالمي مالياتي ڍانچي ۾ سڌارن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ عالمي برادري تي زور ڀريندو ته هو موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر جو مقابلو ڪرڻ ??اء?? فيصلائتا قدم کڻي. وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ڪيترن ئي اعليٰ سطحي اجلاسن ۾ به شرڪت ڪندو، جن ۾ ”سمنڊ جي سطح ۾ اضافي سان درپيش خطرن تي اعليٰ سطحي گڏجاڻيون“ ۽ ”امن ??اء?? قيادت“ تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي کلي بحث شامل آهي. وزيراعظم جٽادار ترقي جي ايجنڊا ک?? اڳيان وڌائڻ ??اء?? عالمي سطح تي گهربل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ??اء?? عالم?? اڳواڻن جي هڪ گروپ سان ڳالهيون ڪندو. وزيراعظم جي پروگرام ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ جنرل اسيمبلي جي صدر سميت ڪيترن ئي عالم?? اڳواڻن سان ٻه طرفيون ملاقاتون به شامل آهن. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو اعليٰ سطحي اجلاس پاڪستان ??اء?? علائقائي ۽ عالمي اهميت جي اهم مسئلن تي پنهنجي نقطئه نظر کي اجاگر ڪرڻ ??اء?? هڪ اهم پليٽ فارم پيش ڪري ٿو. وزيراعظم پاڪستان جي ترجيحن کي اجاگر ڪندو ته جيئن عوام کي ملڪي ۽ عالمي ترقي جي ايجنڊا جي مرڪزي هنڌ تي رکيو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف 26-2025ع ??اء?? گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي آئينده جي ميمبر طور، گڏيل قومن جي چارٽر کي برقرار رکڻ، تڪرارن جي روڪٿام، امن ۽ عالمي خوشحالي کي هٿي وٺرائڻ ??اء?? گڏيل قومن جي سمورن ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ ??اء?? پاڪستان جي عزم جو اظهار به ڪندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : گرم گرم