اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوري مسلمان امت خاص طور تي پاڪستاني عوام کي عيد ميلادالنبي جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته مسلمان امت ۽ پاڪستان کي درپيش چئلينجز جو حل نبي اڪرم ﷺ جي تعليم ۾ لڪل آهي، اسان کي پن??نجي اختلافن کي پٺتي وجهي پن??نجي ملڪ ۽ قوم جي ترقي جي لاءِ متحد ٿي ڪم ڪرڻ جو وچن ڪرڻو پوندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف 12 ربيع الاول جي موقعي تي قوم جي نالي پن??نجي پيغام ۾ چيو ته پوري مسلمان امت خاص طور تي پاڪستاني عوام کي نبي آخرالزمان حضرت محمد ﷺ جي ولادت باسعادت جي نست سان عيد ميلادالنبي تمام گهڻي مبارڪ هجي، 12 ربيع الاول جو ڏي??هن اهو مبارڪ ڏي??هن آهي جڏهن الله تعاليٰ قيامت جي ڏي??هن تائين بني نوه انسان جي رهنمائي جي لاءِ پوري انسانيت کي هڪ ڪامل هدايت جو نور عطا ڪيو. هن چيو ته حضرت محمد ﷺجي مبارڪ زندگي، سندن سيرت طيبه ۽ ڪردار اسان جي لاءِ هڪ اهڙي مشعل راهه آهي ج??هن جي روشني رهندي دنيا تائين هر انسان جي زندگي جي لاءِ هدايت جو ذريعو رهندي، سندن هر عمل ۽ فرمان ان ڳالهه جو مظهر آهي ته انسانيت کي ڪهڙي طرح محبت، ??ائ??چاري ۽ انصاف جي اصولن تي قائم رهي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته اڄ جي مشڪل ۽ ڏکئي دور ۾ اسان کي نبي ڪريم ﷺ جي سيرت کي نه رڳو پڙهڻ پر ان تي عمل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، مسلمان امت ۽ پاڪستان اڄ جن چئلينجز کي م??هن ڏئي رهيا آهن، ا??هن جو حل نبي اڪرم ﷺ جي تعليم ۾ لڪل آهي. ا??هن اسان کي اتحاد، محبت ۽ ??ائ??چاري جي تلقين ڪئي ۽ اهي ئي اهي اصول آهن جيڪي اسان کي معاشرتي ۽ اقتصادي مسئلن مان ڪڍي سگهن ٿا، اچو اسان ان موقعي تي اهو وچن ڪريون ته اسان پن??نجي اختلافن کي پٺتي رکي پن??نجي ملڪ ۽ قوم جي ترقي جي لاءِ متحد ٿي ڪم ڪنداسين. شهباز شريف چيو ته نبي اڪرم ﷺ سدائين ڪمزورن، يتيمن ۽ ضرورتمندن جي مدد جو درس ڏنو، اڄ جي ڏي??هن اسان کي ا??هن ماڻهن طرف خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي جيڪ?? غربت، بک ۽ مشڪلاتن ۾ ورتل آهن، اسان جي ذميواري آهي ته اسان نبي پاڪ ﷺجي ان عمل کي اختيار ڪريون ج??هن ۾ اهي هر حال ۾ ٻين جي مدد ۽ ڀلائي جي لاءِ ڪوششون ڪندا رهندا هئا. هن چيو ته ان موقعي تي اسان کي پن??نجي مظلوم فلسطيني ۽ ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي پڻ ياد رکڻ گهرجي جيڪي ظلم ۽ ڏاڍ کي م??هن ڏئي رهيا آهن، غزه ۽ فلسطين ۾ معصوم ماڻهن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي پائمالي دل ڏکوئيندڙ واقعا آهن، نبي اڪرم ﷺ سدائين انصاف، آزادي ۽ انساني حقن جي تحفظ جي تعليم ڏني ۽ ا?? جي ڏي??هن اسان کي ا??هن مظلومن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ا??هن جي حق ۾ پن??نجو آواز بلند ڪرڻ گهرجي، اسان دعاڳو آهيون ته الله تعاليٰ اهل فلسطين ۽ اهل ڪشمير کي آزادي ۽ انصاف عطا فرمائي ۽ ا??هن جي مشڪلاتن کي ختم ڪري، اسان جو فرض آهي ته اسان ا??هن مظلومن جي حق ۾ هر فورم تي آواز اٿاريون ۽ عالمي برادري کي ا??هن جي حمايت تي راضي ڪريون. هن چيو ته اچو ته اسان هن مبارڪ موقعي تي وچن ڪريون ته نبي اڪرم ﷺ جي تعليم کي پن??نجي زندگي جو حصو بڻائينداسين ۽ ان جي روشني ۾ پن??نجي معاشري کي هڪ بهتر، برابر ۽ پرامن جڳهه بڻائينداسين، منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي امن، ترقي ۽ خوشحالي جو گهوارو بڻائي ۽ اسان سڀني کي نبي ڪريم ﷺ جي سيرت تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
وزيراعظم پاران پوري مسلمان امت خاص طور تي پاڪستاني عوام کي عيد ميلادالنبي جُون مُبارڪُون
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو