اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) صد?? آصف علي زرداري معاشري جي محروم ۽ پٺتي پيل طبقي کي مفت طبي ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪندڙ عبدالقدير خان اسپتال ٽر??ٽ کي پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريندي ضرورتمند ماڻهن کي په?? جوڳي صحت جي سهولتن تي ٽرسٽ جي خدمتن کي ساراهيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار عبدالقدير خان اسپتال ٽرسٽ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر دينا خان جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمب?? آصفه ڀٽو زرداري پڻ موجود هئي. صدر چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي قوم جي لاءِ خدمتن تي پوري قوم سندس مقروض آهي. ڊاڪٽر دينا خان صدر کي عوام کي طبي خدمتن جي فراهمي ۾ اسپتال جي ڪارڪردگي بابت آگاهه ڪيو. وفد صدر کي ٽر??ٽ کي درپيش مس??لن کان پڻ آگاهه ڪيو. وفد چيو ته ??ڳوڻي ٽرسٽيز مالي غبن ڪيو ۽ ٽرسٽ جي اڪائونٽس جو غلط استعمال ڪيو. صد?? آصف علي زرداري وفد کي انهن جي مس??لن جي حل جي خاطري ڪرائي. صدر ڊاڪٽر عبدالقدير خان اسپتال ٽرسٽ جي خدمتن ۽ ماڻهن پاران عطين کي ساراهيو.
صدر آصف علي زرداري پاران عبدالقدير خان اسپتال ٽرسٽ کي هر ممڪن تعاون جي خاطري
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات