اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي ??هي ته پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ ايئرپورٽس جي آپريشنز جي آئوٽ سورسنگ جي عمل کي تيز ڪيو وڃي ۽ ان ۾ شفافيت کي مرڪزي حيثيت ڏني وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم سان هوابازي واري صلاحڪار ايئر مارشل (ر) فرحت حسين اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هوابازي واري صلاحڪار نگران وزيراعظم کي وزارت جي معاملن ۽ حڪومت جي هوابازي جي شعبي ۾ سڌا??ن جي حوالي سان تفصي??ي طور آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم کي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي نجڪاري ۽ ايئرپورٽ آپريشن جي آئوٽ سورسنگ جي عمل تي اڳڀرائي ??ابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ??ه پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ ايئرپورٽس جي آپريشنز جي آئوٽ سورسنگ جي عمل کي تيز ڪيو وڃي ۽ ان ۾ شفافيت کي مرڪزي حيثيت ڏني وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي هوابازي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي. حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ ملڪي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ادا??ن جي نجڪاري ڪري قومي خزاني کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ سرفهرست آهي.
نگران وزيراعظم پاران پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ ايئرپورٽس جي آپريشنز جي آئوٽ سورسنگ جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : ریل رش